اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ جمعي ڏينهن ان عزم سان ملهائيندي ته باباءِ قوم جي فڪر ۽ مصور پاڪستان جي خوابن جي تعبير پاڪستان کي دنيا جي نقشي تي هڪ باوقار ۽ قائداڻو ڪردار رکندڙ عظيم کان عظيم تر ملڪ بڻائينداسين، ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خاص دعائن سان گڏ ڪيو ويندو. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي و??رن شهر ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. سڄي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن ??ي روشنيون ٻاريون وينديون، گهرن تي پاڪستان جو سبز هلالي جهنڊا ڦرڪايا ويا آهن ۽ گهٽين ۽ باز??رن کي سجايو ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ خوبصورت برقي روشنين ڊي چوڪ جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿيندي جڏهن ته اهم حڪومتي شخصيتون گلن جون چادر چاڙهينديون. مختلف اد??رن ۾ تقريبن ۾ ملي ن??ما ۽ قيام پاڪستان جي جدوجهد جي حوالي سان خاص روشني وڌي ويندي. اخب??رن ۾ خاص ايڊيشن ۽ ٽيليويزن چينلز تي خصوصي ن??ريات ٿينديون. ان ڏينهن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم ۽ اهم حڪومتي ۽ سياسي قيادت جا خاص پيغام جاري ٿيندا. ان ڏينهن ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي روح روان حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني کي ن??ان پاڪستان ڏنو ويندو. ان کانسواءِ به نمايان خدمتن ??ي عسڪري ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙن کي ايوارڊ ڏنا ويندا. جمعي جي نماز جي ميڙن ۾ پڻ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون. ڪشمير جي آزادي جي لاءِ پڻ خاص دعائون ڪيون وينديون.