اسلام آباد ?? 17 ??ئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ مودي جو آر ايس ايس کان متاثر نظريو تمام واضح آهي، غي??قانوني الحاق سان ڪشميرين کي انهن جي حق کان محروم رکڻ، طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ غي??انساني سلوڪ ان جو مثال آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت ٽه رخي سوچ تي عمل ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڪشميرين ??ي خلاف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو پيو وڃي، عورتن ۽ ٻارن جي خلاف غي??انساني هٿيار پيلٽ گنز استعمال ڪئي پئي وڃي، ڀارت ڪشمير جو غي??انساني لاڪ ڊائون ڪري رکيو آهي، ڪشميرين کي خوراڪ ۽ دوائن جهڙي بنيادي ضرورتن ??ي شين کان محروم رکيو آهي.