اسلام آباد – 10 ا??ري?? (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته غريب، لاچار ۽ پٺتي پيل علائقن جي رهواسين کي رليف پهچائڻ وزيراعظم عمران خان جو عزم آهي، حڪومت مشڪل حالتن ۾ قوم کي اڪيلو نه ڇڏيندي، وزيراعظم جو بلوچستان جو دورو پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ ڪورونا جي خلاف جاري قومي ڪوششن ??ي سگهه ڏيڻ آهي، متحد ٿي چئلينج تي ضابطو آڻينداسين ۽ سرخرو ٿينداسين.