اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان غيرملڪي پبلڪ دستاويزن جي قانوني حيثيت جي جاچ لاءِ ڊگهي تصديقي عمل جي شرط کي ختم ڪرڻ بابت ”اپوسٽيل ڪنوينشن“ جي توثيق ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پ??ڪستان حڪومت غيرملڪي سرڪاري دستاويزن جي لاءِ قانوني حيثيت جي شرط کي ختم ڪرڻ (1961ع جي اپوسٽيل ڪنوينشن) بابت هيگ ڪنوينشن تسليم ڪيو آهي. اهو ڪنوينشن پبلڪ دستاويزن جي تصديق جي عمل کي انتهائي مختصر ڪري ڇڏي ٿو جنهن موجب دستاويز جاري ٿيندڙ ملڪ جي نامزد اٿارٽي پاران هڪ تصديقي سرٽيفڪيٽ جا??ي ڪيو وڃي ٿو جنهن کي ”اپوسٽيل“ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح اپوسٽيل پاران تصديق ٿيل غيرملڪي پبلڪ دستاويزن کي وڌيڪ ڪنهن تصديقي عمل مان گذرڻ جي شرط کانسواءِ سڌوسنئون لاڳاپيل عملدارن کي پيش ڪري سگهجي ٿو. ڪنوينشن ۾ شامل رياست جي ذميوارين موجب پ??ڪستان جا لاڳاپيل عملدار هاڻي ڪنوينشن جي ميمبرن/ معاهدو ڪندڙ رياستن پاران جا??ي ڪيل فارن اپوسٽيل سرٽيفڪيٽس کي لاڳو ٿيڻ جي تاريخ يعني 9 مارچ 2023ع کان پرڏيهي وزارت يا ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز کان تصديق جي شرط کانسواءِ قبول ڪندا. ترجمان موجب ضروري قانونسازي ۽ ٻين گهرجن کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان پاران ”اپوسٽيل سرٽيفڪيٽس“ جا??ي ڪرڻ جو عمل به ڪجهه مهينن ۾ شروع ٿي ويندو. پرڏيهي وزارت ڪئمپس آفيسز ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز تي معمول جي تصديق جون خدمتون معمول موجب جاري رهنديون.