اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ف??رمن تي ??وا?? اٿارڻ جا اثر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پڻ ان جي مذمت ڪئي آهي. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف وزيراعظم پاران عالمي ف??رمن تي ??وا?? اٿارڻ جا مثبت اثر سامهون اچي رهيا آهن، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به ان جي مذمت ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته ڪينيڊين وزيراعظم اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪر?? جو ارادو ڪيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته ان کان اڳ روس جو ??در پيوٽن پڻ اسلامو فوبيا کي راءِ جي آزادي چوڻ غلط قرار ڏئي چڪو آهي.