اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته چين جو ڀارت جي والاريل ڪشمير جي باري ۾ موقف کي رد ڪرڻ اس??ن جي حق ۽ سچ جي اصولي موقف جي فتح آهي، وز??را??ظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي جهڙي طرح اجاگر ڪيو آهي ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ جهاد اس??ن سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، ڪشميرين کي اس??ن جي قومي بياني جي ضرورت آهي، بلاول ڀٽو ڪشمير مسئلي تي ??ڙڪ??ون هڻڻ کان پاسو ڪري، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي يقيني بڻائي، قوم نٿي چاهي ته اس??ن بدعنوان عنصرن سان ڪنهن قسم جو ٺاهه ڪريون، معاشي محاذ تي ڌاڙا لڳا ۽ چوريون ٿيو??، اين آر او ناممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ عيد ملن پارٽي جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ۽ پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.