اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاورت جي لاءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايوان صدر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت ڏني آهي. اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 57 (1) تحت صدر عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان س??ن مشاورت کانپوءِ ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي پن??نج?? خط ۾ صدر چيو ته سندس 08 فيبروري جي خط کانپوءِ ??ن معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي مشاهدن جهڙي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صدر پن??نج?? پهرين خط ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جواب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو بي چيني سان انتظار ڪري رهيو هو ته ڪميشن پن??نج?? آئيني فرض جو احس??س ڪندي ۽ ا?? موجب ڪم ڪندي. هن چيو ته ان اهم معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي افسوسناڪ رويي سان انتهائي مايوسي ٿي آهي. پن??نج?? خط ۾ صدر چيو ته آئين جي تحفظ ۽ دفاع جي پن??نج?? آئيني ذميواري جو احس??س ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کي 20 فيبروري 2023ع تي پن??نج?? آفيس ۾ چونڊن تي مشاورت جي لاءِ هنگامي ملاقات جي لاءِ گهرايان ٿو.