ا??لا?? آباد– 14 ??? ف??بروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) شام جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ 20 رڪني ميڊي??ل ۽ ريسڪيو ٽيمون امدادي سامان سان گڏ دمشق روانيون ڪري ڇڏيون. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب شام جي لاءِ موڪليل امدادي ٽيمن ۾ پمز مان 10 ڊاڪٽر، جڏهن ته سي ڊي اي جي 10 رڪني ريسڪيو ٽيم شامل آهي. ان کانسواءِ سرديءَ جي لاءِ 130 فيملي خيما ۽ 3966 ڪلوگرام دوائن تي ٻڌل امدادي کيپ به رواني ڪئي وئي آهي. شام جي لاءِ ٽيمن کي سيفران واري وفاقي وزير طلحيٰ محمود ۽ خصو?لا??_گیمز/117986.html">صي ??لاحڪار حامد حميد رخصت ڪيو. ريسڪيو ۽ ميڊيڪل ٽيمون پي آءِ اي جي خصو?لا??_گیمز/117986.html">صي ??هاز بوئنگ 777 جي ذريعي دمشق پهچنديون. ريسڪيو ٽيمون شام جي متاثر علائقن ۾ اربن سرچ اينڊ ريسڪي?? آپريشن ۾ حصو وٺنديون.