اسلام آباد– 18 – ج??ور?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجگور، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فور??ز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو. هن دهشتگرد حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 4 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي خدمتن ۽ ملڪ جي لاءِ عظيم قرباني تي ??نهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد اهلڪارن جي بهادري تي ??نهن کي سلام پيش ڪيو. صدر پنجگور دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.