اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف جي سڄي ملڪ کي موٽرويز سان ڳنڍڻ واري خواب جي تڪميل جو اڄ اهم ڏينهن آهي، 306 ڪلوميٽر ڊگهي سکر – حيدرآباد موٽروي ايم – 06 جي پيڙهه جي پٿر بعد پشاور ڪراچي موٽروي (پي ڪي ايم) جي آخري حصي جي تعمير بعد پاڪستان جا سمورا وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز سان ڳنڍجي ويندا. اڱاري ڏينهن پنهنجي ب??ان ۾ هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي شراڪتداري سان ايم -06 کي تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم – 06 کي 30 مهينن جي مختصر مدي ۾ مڪ??ل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته منصوبي جي تڪميل سان سڄي ملڪ جي عوام کي جديد، آرامده ۽ تيز ترين سفري سهولت ملندي. ان کان علاوه ان موٽروي جي تعمير سان واپاري برادري کي پنهنجي سامان جي منتقلي ۾ پڻ آساني ٿيندي ۽ وقت جي بچت ٿيندي، ان کان علاوه حادثن کان بچڻ کان علاوه جي ٽي روڊ تي ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ به گهٽتائي ايندي، وفاقي وزير مر??م اورنگزيب چيو ته بهترين شاهراهن جي تعمير سان ترقي جي قومي رفتار ۾ اضافو ٿيندو جنهن سا?? پاڪستان جي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا. منصوبي جي تڪميل سان ملڪ ۾ واپاري سرگرميون تيز ٿينديون، واپارين، صنعتڪارن ۽ ??ار??ن کي پنهنجي مصنوعات جي ترسيل ۾ آساني ٿيندي.