واشنگٽن – 13 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي ان ??اءِ عالمي برادري پاڪستان حڪومت کي ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ وڌيڪ مدد ڪري. ترڪ خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته هي ٻوڏ ماحولياتي تبديلي جو سڌو سنئون ۽ تباهي آڻيندڙ نتيجو آهي، اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري خاص طور تي ترقي يافته ملڪ ۽ گڏيل قومون ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي ايندا، هن چيو ته موسمياتي تبديلين جا مجموعي نقصان تمام گهڻا هوندا، هن چيو ته اها انتهائي مشڪل صورتحال آهي ڇو ته پاڪستان ۾ هن وقت ٻوڏ جهڙي وڏي تباهي سان گڏ ٻيون مشڪلاتون به د??پي?? آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، فصل ۽ چوپائي مال کي وڏي پئماني تي نقصان ??هتو آهي، هن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش موجب پاڪستان ۾ مجموعي نقصانن جي لاڳت جو ڪاٿو 30 بلين ڊالرن کان ??ڌيڪ لڳايو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستاني هن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا دستياب وسيلا ڪتب آڻي ??هيا آهن پر اسان اهو اڪيلي نٿا ڪري سگهون ان ??اءِ عالمي برادري کي اپيل آهي ته هو اسان جي مدد ڪري، پاڪستاني سفير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري ۽ ٻوڏ متاثر پاڪستاني عوام جي مدد لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ سوسائٽي کي متحرڪ ڪرڻ تي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته پاڪستان کي پهرين ئي ٻوڏ جي ڪري تباهي آڻيندڙ صورتحال د??پي?? آهي جڏهن ته ٻئي طرف يوڪرين جي صورتحال جي ڪري غذائي عدم تحفظ جا مسئلا به سامهون آهن، هن چيو ته اسان ??نهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ۽ اسان ان ۾ ڪامياب ٿي رهيا هئاسين پر هاڻي ??ن ۾ تمام وڏي رڪاوٽ پيدا ٿي وئي آهي، مسعود خان ??وڏ سبب متاثر علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر کي پهتل وڏي نقصان جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان کي متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي، هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به تباهي کي منهن ڏيڻ، آبي وسيلن جي تحفظ لاءِ هڪ بهتر نظام جي قيام سان گڏوگڏ تعميراتي شعبي کي ريگوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙيندي وڌندڙ آبادي لاءِ بهتر منصوبابندي جي ضرورت هوندي.