نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لا??ِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن، متاثرين کي فور?? طور ت?? 25، 25 هزار رپين جي مالي امداد ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم نوشهره ۾ ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ امدادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ڪئمپ ۾ رهندڙ عورتن ۽ ٻارن کان کاڌي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو. هڪ عورت ميٽرس جي عدم فراهمي جي شڪايت ڪئي جنهن تي وزيراعظم فور?? طور ت?? کيس ميٽرس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ گڏجي متاثرين جي بحالي لا??ِ ڪم ڪري رهيا آهيون. فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي وفاقي حڪومت پاران 10، 10 لک رپين جي مالي امداد ڏني پئي وڃي. هن چيو ته انشاءَ الله صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مشڪل??تن جي خاتمي ۽ ملڪ جي لا??ِ دعا پڻ ڪرائي.