اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪرغزستان جي نائب پرڏيهي و??ير ارتڪ بائيو ايبڪ مختاروچ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻطرف?? لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان تاريخ ۽ ثقافت جي انمول رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان جو سامونڊي رستو وچ ايشيائي رياستن جي واپار ۾ فروغ جي لاءِ و??يڪ معاون ثابت ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي واپار ۾ وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پرڏيهي و??ير چيو ته ڪرغزستان ۾ هزارين پاڪستاني شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، عوامي سطح تي رابطن کي سياحتي ۽ ثقافتي ڏس ۾ وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي.