اسل??م آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان زائولي جيان پاڪستان جي 75 هين ڊائمنڊ جوبل?? آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خ??اهشن جو ا??هار ڪيو آهي. چيني حڪومت جي سرڪاري ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ”پاڪستان سالگرهه مبارڪ“ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي دعا به ڪئي. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ به پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پاڪستان جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو مبارڪ، پ??ڪ چين دوستي زندهه آباد لکيو آهي.