اسل??م آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سالگرهه مبارڪ، رڳو 75 سالا تاريخ ۾ تمام وڏي فخر جي قابل، تمام وڌي خوشي جي قابل، توهان جو ع??يم ثقافتي ورثو، بي مثال ۽ خوش ذائقه خوراڪ ۽ قدرتي منظرن سان ڀرپور خطو فخر جوڳو آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪميشن پاران جاري پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هاءِ ڪمشنر چيو ته منهنجي لاءِ هتان جو سڀ کان قيمتي اثاثو پيار ۽ محبت ڪندڙ عو??م آهي جيڪا سدائين مسڪرائيندي السلام عليڪم چوي ٿي. هن چيو ته آسٽريليا انهن پهرين ملڪن ۾ شامل هو جن 1947ع ۾ پاڪستان کي تسليم ڪيو، ??سا?? جي عوامي رابطن جي تاريخ 18 هين صدي تائين پکڙيل آهي جڏهن بلوچستان مان اٺن جا واپاري ??سا?? جي ملڪ ۾ صحرائن تان سامان جي پهچ لاءِ انتهائي اهم هئا. هن چيو ته هن وقت اٽڪل هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني آسٽريليا کي پنهنجو ملڪ چون ٿا ۽ اهي ??سا?? جي بين الثقافتي معاشرن ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ??سا?? کي فخر آهي ته ??سا?? هزارين پاڪستاني شاگردن جي ميزباني ڪري رهيا آهيون جيڪي ??سا?? جي ع??يم شهرن ۽ عالمي معيار جي يونيورسٽين مان فائدو کڻي رهيا آهن. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته آئون توهان سڀني کي همت، اميد ۽ اعتماد جو پيغام ڏيان ٿو، اچو گڏجي هڪ منظم طريقي سان پنهنجي وسيلن مان فائدو کڻي مسئلن کي دفن ڪري سگهون ته جيئن ??سا?? جو شمار دنيا جي ع??يم قومن ۾ ڪيو وڃي.