اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ جيچي ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته يانگ جيچي پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد کي ڀليڪار چوي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ جيچي جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ??مل??تي وزير حنا رباني کر، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد جي آجيان ڪري ٿو. هن يانگ جيچي سان 2015ع ۾ چيني صد?? جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته چيني صد?? جي وفد جي اهم ميمب?? جي حيثيت سان يانگ جيچي اهم ڪردار ??دا ڪيو هو. چيني صدر سان ان وقت مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون هيون جيڪا اصل ۾ سي پيڪ جي شروعات هئي. وزيراعظم چيو ته يانگ جيچي پاڪستان جو مخلص دوست آهي، جنهن سدائين پاڪستان جي ڪاز جي حمايت ۽ ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪيو. وزيراعظم پنهنجي بيجنگ جي دوري جو به ذڪر ڪيو، جڏهن ساڻس يانگ جيچي سان ملاقات ٿي ته هن چيو ته سي پيڪ جا منصوبا، سيڙپڪاري ۽ واپا?? جي لاءِ انهن جو ٿورائتو آهيان. يانگ جيچي چيني صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو.