اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه مان دريافت ٿيندڙ گئس جي ذخيرن مان عوام کي گئس جي فوري ??راهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيرا??ظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم سان فوجي فائونڊيشن گروپ جي چيئرمين وقار احمد ملڪ ۽ ماڙي پيٽروليم جي سربراهه فهيم حيدر ملاقات ڪئي. پيٽروليم وارو مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پيٽروليم وارو سيڪريٽري ??ڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيرا??ظم توانائي جي کوٽ تي ضاب??و آڻڻ جي لاءِ اڳوڻي قبائلي علائقن مان دريافت ٿيل گئس فوري طور تي عوام کي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني. خيبرپختونخواهه ج?? علائقي بنون مان 10 کرب ڪيوبڪ فٽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا هئا. وزيرا??ظم اهي ذخيرا عوام کي گئس جي کوٽ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم کي اتر وزيرستان، بنون ۾ نئين دريافت ٿيندڙ ذخيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم کي گئس جي شعبي جي مجموعي صورتحال، طلب ۽ پهچ کان آگاهه ڪ??و ويو. وزيرا??ظم لاڳاپيل علائقن جي عوام کي به دريافت ٿيل گئس جا ثمر فراهم ڪرڻ ۽ علائقي جي ترقي، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت جي حوالي سان سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته کيس آگاهه ڪ??و وڃي ته ج?? علائقن مان گئس نڪتي آهي اتان جي عوام ۽ ٻارن کي ڇا ملندو.