مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهب??ز شريف وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي، وزي??اع??م لاءِ خانه ڪعبه جا دروازا کوليا ويا. وزي??اع??م آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عمري دوران وزي??اع??م شهب??ز شريف خصوصي زيارت کانپوءِ حجرِ اسود کي چُمي ڏني ۽ طوافِ ڪعبه ڪيو ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ٽن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري جي موقعي تي ڇنڇر ڏينهن عمره جي ادائيگي دوران وزي??اع??م شهب??ز شريف زيارتِ خاص ۽ طوافِ ڪعبه جي ادائيگي کانپوءِ صفه ۽ مر??ه جي وچ ۾ سعي ڪئي. وزي??اع??م سعي صفه و مر??ه جي ادائيگي سان گڏ ئي عمره جي تڪميل کانپوءِ ملڪ ۽ قوم ۽ مسلمان امت جي سلامتي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون. وزي??اع??م ٽن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري دوران مدينه منوره ۽ جده ۾ ٻه ڏينهن گذارڻ کانپوءِ ڇنڇر ڏينهن عمره جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ مڪه مڪرمه روانو ٿيو ۽ وفد سميت عمره ادا ڪيو. وزي??اع??م مدينه منوره ۾ قيادم دوران ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاصري ڀري، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. جده ۾ وزي??اع??م سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدلعزيز سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزده شاهزين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزي??اع??م سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزي??اع??م جو اهو پهريون غير ملڪي دورو آهي.