لاهور – 12 – مارچ (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر وارا جيترو چاهين واسڪٽون ۽ شيروانيون سبرائين انهن جي آخري منزل اڊيالا جيل آهي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي ا??تمادي رٿ جي ناڪامي کانپوءِ مخالف ڌر هڪ ٻئي جي خلاف بي ا??تمادي ڪندا، اتحادي ا??ان جا لاڏلا آهن ۽ انهن کي سدائين سيني سان لڳائي رکيو، اهي وزيراعظم سان گڏ هئا، آهن ۽ رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حافظ آباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي ا??تمادي رٿ جي ناڪامي کانپوءِ مخالف ڌر جا ماڻهو هڪ ٻئي جي خلاف بي ا??تمادي ڪندا، اتحادي ا??ان جا لاڏلا آهن ۽ انهن کي سدائين سيني سان لڳائي رکيو، اهي وزيراعظم سان گڏ هئا، آهن ۽ رهندا. هن چيو ته بي ا??تمادي رٿ کان اڳ اسلام آباد ڊي چوڪ ۾ وڏي عوامي ميڙ سان مخالف ڌر جون اکيون کلي وينديون، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي دور ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا پر وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ و??عد?? ڪيو هو ته هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪندو ۽ نه قوم جو ڪنڌ جهڪڻ ڏيندو. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ناموس رسالت ۽ اسلامو فوبيا جو ڪيس جهڙي طرح وڙهيو پوري دنيا ان جي معترف آهي ۽ وزيراعظم عمران خان غيرملڪي قوتن کي ايبسوليوٽلي ناٽ چئي قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آزاد ۽ خودمختيار پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو ويو آهي. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان کي هن وقت عمران خان جهڙي دلير قياد?? ۽ ??يڊر جي ضرورت آهي، عوام پرچيءَ واري وزيراعظم کي ڪنهن به صورت ۾ پسند نه ڪندي. هن چيو ته مخالف ڌر وارا جيترو چاهين واسڪٽون ۽ شيروانيون سبرائين پر انهن جي آخري منزل اڊيالا جيل آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو بي ا??تمادي رٿ جي ناڪامي جي صورت ۾ ملڪ ۾ انارڪي جي خدشي وارو بيان ملڪي حالتن کي خراب ڪرڻ جو اشارو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جا ماڻهو ۽ انهن جا ننها مُنا ٻار رڳو پنهنجي ڪرپشن جي رقم کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم آهن، انهن جي ڪا قومي ايجنڊا نه آهي رڳو ذاتي ايجنڊا آهي.