اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحر??ڪ انصاف سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي تعمير ۽ ت??قي ۽ سنڌ جي عوام کي حقن جي فراهمي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن بين الصوب??ئي رابطنو اري وفاقي وزير فهميده مرزا ۽ وزيراعظم جي سنڌ افيئرز بابت خاص معاون ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان ڳ??لهائيندي چئي جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سنڌ حق مارچ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سنڌ حق مارچ جي انتظامن ۽ تيارين جي حوالي سان پاڪستان تحر??ڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي کي تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير سنڌ مارچ جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان تحر??ڪ انصاف سنڌ جي پيڙهيل عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. هن چيو ته پاڪستان تحر??ڪ انصاف سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي تعمير ۽ ت??قي ۽ سنڌ جي عوام کي حقن جي فراهمي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.