اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ميمبر حاجي خيال زمان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئي??ر تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان مرحوم جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هن قومي اسيمبلي جي هڪ اجلاس ۾ پنهنجو فيصلائتو ووٽ وجهڻ ??ي لاءِ سخت بيماري جي باوجود شرڪت ڪئي. وزيراعظم مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.