اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ م موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ سريلنڪا آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي واپار واري وزير ڊاڪٽر بندولا گنا ورڌنا ۽ علائقائي تعاون واري رياستي وزير ٿر??ڪا بالا سوريا سان ڳالهائيندي چئي ج?? وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر گنا ورڌنا ۽ ٿر??ڪا بالا سوريا سريلنڪا جي هڪ واپاري وفد سان گڏ هن وقت 20 کان 27 جنوري 2022ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. وزيراعظ?? عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪستان سريلنڪا ايف ٽي اي کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاير لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مضبوط ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم سريلنڪن وفد جو ڌيان پاڪستان جي تاريخي ٻڌمت ثقافتي ورثي طرف ڇڪرايو ۽ ان اميد جو ??ظه??ر ڪيو ته سريلنڪن شهري وڏي انگ ۾ مذهبي سياحت جي لاءِ پاڪستان ايندا. ڊاڪٽر بندولا گنا وڌرني سريلنڪا جي لاءِ گرم جوشي ۽ خيرسگالي ج?? جذبن جو ??ظه??ر ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان سان واپار، آءِ سي ٽي، فارماسيوٽيڪل، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، تعليم، دفاع، سياحت، انساني وسيلن جي ترقي ج?? مختلف شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن، گڏيل منصوبن، اعليٰ صلاحيتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ج?? منتقلي ۾ پاڪستان سان تعاون کي سگهه ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.