اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانست??ن ۾ انساني بحران بابت آگاهي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس، آئون چاهيان ٿو ته عالمي برادر?? ان مسئلي تي قدم وڌائي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ”افغانين جون حياتيون بچايو“ جو هيش ٽيگ به لڳايو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته افغانست??ن ۾ انساني بحران بابت آگاهي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس. آئون چاهيندس ته عوام افغانست??ن ۾ پيدا ٿيندڙ ان انساني بحران بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالمي قدمن ۾ ساٿ ڏي جنهن انساني بحران سان افغانست??ن ۾ لکين ماڻهو خاص طور تي ٻارن جي زندگي?? کي بک ۽ غربت جو خطرو آهي. گذريل ڇنڇر ڏينهن به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏ??و ته اها افغان عوام کي فور?? انساني ريليف فراهم ڪري، جنه?? کي سخت غذائي کوٽ درپيش آهي. هن چيو ته عالمي برادري جي لاءِ اهو فوري نوعيت جو معاملو آهي ۽ گڏيل قومن جي متفقه طور تي اختيار ڪيل پرنسپل آف ريسپانسبلٽي ٽو پروٽيڪٽ (پي آر 2 پي) تحت غذائي کوٽ جو شڪار لکين افغاني?? کي فور?? انساني ريليف جي فراهم?? انهن جي ذميواري آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ ڊيلي گارڊين ۾ ڇپجندڙ هڪ نيوز اسٽوري پڻ ٽيگ ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي بر??ان??ي وزيراعظم گورڊن برائون جو لکيل هڪ آرٽيڪل آهي جنهن ۾ هن بر??ان??ي فارن سيڪريٽري لزٽورس کي چيو آهي ته هو افغانستان جي لاءِ ساڍا 4 ارب ڊالر جمع ڪرڻ جي لاءِ ڊونر ڪانفرنس گهرائي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن خوراڪ جو فور?? انتظام نه ڪيو ويو ته 2 ڪروڙ 30 لک ماڻه?? کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته بر??ان??ا ک?? ان ڪم ۾ ليڊ ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين جي امداد ڪري سگهجي. گڏيل قومن پاران سال 2022ع جي لاءِ پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي ساڍا چار ارب ڊالر جي اپيل ڪئي وئي آهي.