اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي، ايسوسيئيش?? آف فزيش?? آف پاڪستاني اوريج?? آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) کي وزيرا??ظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳڻين مهارتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. وزيرا??ظم عمران خان سان ايسوسيئيش?? آف فزيش?? آف پاڪستاني اوريج?? آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) جي وفد هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعطم چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن کي پاڪستان ۾ معياري صحت جي نظام جي فراهمي لاءِ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، وزيرا??ظم اتر آمريڪا جي صحت جي شعبي ۾ اي پي پي اين اي جي خدمتن کي ساراهيندي ان تي زور ڏنو ته هو پاڪستان ۾ جديد ترين طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ وڌ کان وڌ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي ط??قت جو استعمال ڪن. اي پي پي اين اي جي صدر ڊاڪٽر رضوان خالد ڪووڊ – 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي نمايان ڪامابين تي وزيرا??ظم کي مبارڪباد ڏني، هن ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي سهولتن لاءِ پاور آف اٽارني جي لاءِ آن لائين سسٽم قائم ڪرڻ تي وزيرا??ظم جو ٿورو ادا ڪيو. هن وزيرا??ظم کي خاطري ڪرائي ته هو پاڪستان ۾ نه رڳو خيراتي ۽ فلاحي منصوبن ۾ پر صحت جي شعبي ۾ موثر پاليسي سازي ۾ به پنهنجو حصو وجهندا، هنن چيو ته انهن کي ان سلسلي ۾ سرڪاري تعاون ۽ سهولت جي ضرورت آهي، وزيرا??ظم ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اي پي پي اين اي کي وزيرا??ظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ڪري ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳڻي مهارت مان فائدو حاصل ڪن، وزيرا??ظم پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ هڪ مخصوص ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ملاقات ۾ وزيرا??ظم جو خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به شامل هو.