اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين نوجوان ??ائليٽ آفيسر شهيد راشد منهاس جي شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد راشد منهاس جواني ۾ ئي ملڪ تي جان ??ڇاور ڪري پنهنجي رت سان عزم ۽ همت ۽ وفا جي روشن تاريخ رقم ڪئي. پنهنجي بيان ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته قوم ملڪ جي خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي س??ائ??ن ياد رکندي.