اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان واضح ڪيو آهي ته پ??ڪستان افغانستان مان آمريڪي خوج ج?? نڪرڻ کانپوءِ سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي لاءِ آمريڪا کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو. اها ڳالهه هن آمريڪي ٽيليويزن کي هڪ انٽرويو ۾ چئي جيڪو اڄ آچر ڏينهن شام 6 وڳي نشر ڪيو ويندو. وزيراعظم عم??ان خان کان ”ايگزياس آن ايڇ بي او“ ۾ جوناٿن سوان سوال ڪيو ته ڇ?? توهان آمريڪي حڪومت جي القاعده، آءِ ايس آءِ ايس يا طالبان جي خلاف سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي لاءِ پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي موجودگي جي اجازت ڏيندا؟ جنهن تي وزيراعظم عم??ان خان چيو ته بلڪل نه، اسان پاڪستاني سرزمين تان افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي يا اڏا ڏيڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. انٽرويو ڪندڙ حي??ان ٿي پنهنجو سوال ورجايو ۽ پڇيو ته ڇ?? توهان اها ڳالهه سنجيدگي سان چئي رهيا آهيو جنهن تي وزيراعظم واضح ڪري ڇڏيو ته پ??ڪستان قطعي طور ان جي اجازت نه ڏيندو.