اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي سڀني مطالبن جي باوجود وزيرا??ظم عوام کي رليف ڏيڻ ل??ءِ بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ ۽ 150 ارب روپين جا سڌا ٽيڪس نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سڀئي معاشي انگ اکر مثبت آهن، موجوده حڪومت پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ل??ءِ ال??ڪشن ترميمي بل منظور ڪري ورتو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني هن سال جي پهرين 11 مهينن ۾ رڪا??ڊ 26.7 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو. پنهنجي ٽوئيٽ ۽ بلاول ??ي بيان تي رد عمل ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي مان ال??ڪشن ترميمي بل منظور ٿي ويو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن.