اس??ام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسيپڪر ??سد قيصر سان آزاد ڪشمير جي تحريڪ انصاف آزاد جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياس??، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڀارت جو ڪشميري عوام تي ڪيل انسانيت لڄائيندڙ ظلمن جو پوري دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت کي والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جو بنيادي حق ڏيڻو پوندو، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خل??ف ورزين سان پوري دنيا آگاهه آهي، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت پ??را?? ڪيل ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسپيڪر چيو ته ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.