اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن تي زور ڏنو آهي ته رمضان المبارڪ دوران ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ ايس او پيز لاڳو ڪرڻ جي لاءِ قا??دا??و ڪردار ادا ڪن?? پاڻ ويڪسين لڳرائين ۽ ماڻهن کي به ??ن جي ترغيب ڏين، عوام کي ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي شدت بابت آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي س??ن عالم سڳورا، ميڊيا ۽ سياسي قيادت آگاهي پيغام جاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن رمضان المبارڪ ۾ ڪورونا احتياطي تدبيرن بابت عالم سڳورن سان مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.