اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان قوم جي نالي ??نه??جي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ڏنل ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جو ويزن پاڪستان کي مديني جي رياس?? وانگر هڪ حقيقي جمهوري فلاحي رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي، اسان جي عظيم قوم ماضي ۾ اتحاد ۽ ڀرپور عزم جي ذريعي ڏکين چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، اڄ اسان کي ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط رهڻ جي ضرورت آهي جنهن پوري د??يا کي ??نه??جي لپيٽ ۾ وٺي رکيو آهي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته 23 مارچ 1940ع هڪ يادگار موقع?? هو جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن ??نه??جو پاڻ کي هندو توا ذهنيت جي جبر ۽ غلامي جي چنبي مان آزاد ڪرڻ لاءِ هڪ ڌار ملڪ جي قيام جو فيصلو ڪيو، اڄ اسان باباءِ قوم ۽ آزادي جي تحريڪ جي انهن سمورن اڳوا??ن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن برطانوي هند جي مسلمانن کي متحد ڪيو ۽ هڪ آزاد مسلم رياست جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي. جدوجهد جي نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي د??يا جي نقشي تي پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته ان ڏينهن اسان ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن سان به يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران بدترين رياستي جبر درپيش آهي، اسان انهن جي جرئت ۽ همت کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين.