اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته حڪومت ڪاروباري طبقي ۽ صنعتڪارن کي سهولتون مهيا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ هر مم??ن قدم کڻي رهي آهي. اها ڳالهه هن هتي صنعتڪارن جي وفد سان ملاقات دوران چئي. وفد ڪووڊ 19 وبا جي پيش نظر صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو، وفد روانگي وڌائڻ، ملڪي صنعت جي فروغ ۽ ٽيڪس نظام ۾ بهتري جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون، وزيراعظم وفد س??ن ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ڪاروبار طبقي ۽ صنعتڪارن کي سهولتون مهيا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ هر مم??ن قدم کڻي رهي آهي.