اسلام ??باد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بي??م ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر کان آگ??هي جي حوالي سان قدمن جي ضرورت آهي، مرض جي آگ??هي لاءِ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن، ڇاتي جي ڪينسر جي سببن ۽ موروثي منتقلي سميت ٻيا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، ڇاتي جي ڪينسر بابت آگ??هي لاءِ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي، اين جي اوز بيماري بابت ڊيٽابيس جي تياري ۾ مدد ڏين، ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي باري ۾ هتي ايوان صدر ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي بي??م ثيمه علوي چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جا ٻه اهم مسئلن ۾ عورتن جي آگ??هي ۽ تشخص شامل آهي، اهو مرض قابل علاج آهي ۽ جلد، وقت سر سڃاڻپ سان ان تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته عورتون ان مرض تي ڳالهه ناهن ڪنديون ۽ ڇاتي جو ڪينسر خاموشي سان انساني جانيون وٺي رهيو آهي، هن چيو ته انگ اکر ??ن جي سنگيني جا عڪاس آهن ان لاءِ ان مرض جي آگ??هي جي ضرورت وڌندي پئي وڃي. هن چيو ته ان مرض جي وقت سر سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي ??ن جي لاءِ ڇاتي جي ڪينسر کان ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي.