اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ڀارتي حڪومت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حي??يت ختم ڪري تڪراري علائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏي?? آهي، جڏهن ته ان جي معي??ت کي پڻ تباهه ڪري ڇڏي?? آهي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ ڀارت ڪشمير کي مڪمل بند ۽ ان جي معي??ت کي تباهه ڪري ڇڏي?? آهي. هن چيو ته ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ڪشميري عوام کي گهيري رکي?? آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيولر تشخص کي بگاڙڻ جو ذميوار آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي، اڄ ڀارت جي مسلمانن کي اهڙيون ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يهودين کي درپيش هيون. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان تڪرار جي حل لاءِ سمورا ممڪن پرامن رستا استعمال ۾ آندا آهن. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ثالث جي ڪردار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪي?? آهي.