اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر ع??دالحفيظ شيخ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ان??ن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح نه رڳو ڪڻڪ جي ضرورتن موجب وڏي م??دا?? ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ آهي پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي ضا??طي ۾ رکڻ آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ سندس اولين ترجيح غريب طبقي جو تحفظ آهي ته جيئن ان??ن تي ??ضا??ي بار نه پوي. وزيراعظم ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن تي ڳالهائيندي هدايت ڪئي ته ان??ن فيصلن تي جلد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.