اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) ڪورونا وبا جي خ??تم?? لاءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سي??ٽر (اين سي او سي) ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا جي ٽيسٽ لاءِ هن وقت سڄي ملڪ ۾ 102 ليبارٽريون ڪم ڪري رهيون آهن. ان کانسواءِ فورم ۾ فرنٽ لائين تي ان وبائي مرض جي خلاف منهن ڏيندڙ هيروز جي لاءِ حوصلي جوڳي پئڪيج ?? جون/ جولاءِ ۾ وبا جي خلاف اضافي ضرورتن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ ۽ سماجي فاصلن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي پوري ملڪ جي ڪنڊڪ??ڇ ۾ ٺاهيل صوبائي ٽيمون مارڪيٽس، صنعتن، ٽرانسپورٽ ۽ وائرس جي امڪاني ڦهلاءُ وارين جاين تي آپريشن ڪيو.