اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي ميڊيڪل جي شاگردن کي پاڪست??ن ۾ ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو فيصلو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد ا??حاق ڊار جي هدايت تي پاڪستان ميڊيڪل ڪاليج اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ڪيو آهي، ان سان غزه جا شاگرد ??اڪست??ن ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي پن??نجي طب?? تعليم جاري رکي سگهندا. هن چيو ته غزه سان تعلق رکندڙ فلسطيني شاگرد 20 کان 30 جي بئچن ۾ جلد ئي پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شامل ٿيندا. ترجمان چيو ته ان فيصلي سان غزه جا شاگرد ??اڪست??ن ۾ ڪارڊيالوجي، آرٿوپيڊڪس، آنڪولوجي، پيڊياٽرڪس ۽ سرجري جي شعبن ۾ پن??نجي طب?? تعليم مڪمل ڪري سگهندا ته جيئن غزه جي صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ اهم ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.