دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوشنبي ايئرپورٽ تي تاجڪ وزيراعظم ??اه?? رسول زاده، توانائي ۽ پاڻي وسيلن واري تاجڪ وزير دلير جمعه، تاجڪ پرڏيهي نائب وزير فرخ شريف زاده، دوشنبي جي ميئر جمشيد تبرزاده ۽ پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده، تاجڪستان ۾ پاڪستان جي سفير محمد سعيد سرور ۽ اعليٰ سرڪاري ۽ سفارتي عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
دوشنبي ايئرپورٽ تي وزيراعظ?? محمد شهباز شريف سان تاجڪ هم منصب ??اه?? رسول زاده ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظ?? محمد شهباز شريف دوشنبي ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار پهتو ۽ اتي ??ل رکيا. اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي تاريخي شخ??يت ۽ تاجڪستان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي تاريخي ترقي جي راهه تي ??امزن ڪيو.