اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مستحق عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ ۽ اسڪل ڊولپمينٽ ذريعي غربت جي خاتمي جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽر روبينه خالد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقن کي غربت مان ڪڍڻ ??اء?? فني مهارت جي فراهمي جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. هن چيو ته عورتن کي مجموعي طور تي بااختيار بڻائڻ ??اء?? معاشي بااختياري ضروري آه??، مالي خودمختياري عورتن جي آزادي ۽ ڪاميابي جي دل??ل آه??، مستحقن کي غربت مان ڪڍڻ اسان جي اولين ترجيح آه?? ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ??اء?? مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آه??. بحٿ ۾ اهم اڳڀرائي مان هڪ ٽه ماهي وظيفن جي ورهاست ۾ شفافيت کي وڌائڻ ??اء?? ڊجيٽل نظام جي شروعات هئي. ان نظام جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آه?? ته فائدو کڻندڙ صارفين پننهنجي ادائگيون فوري ۽ محفوظ طريقي سان حاصل ڪن. اهڙي طرح پروگرام جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قدمن ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان کي ضرورتمندن ??اء?? هڪ بهترين فلاحي پروگرام قرار ڏنو. هن ان پروگرام ??اء?? پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ پٺتي پيل طبقن ??اء?? غذائي تحفظ ۾ واڌ ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو. بل گيٽس چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام طرفان غذائيت جي گهٽتائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن اهم مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ نمايان اڳڀرائي جي تعريف ڪيان ٿو. چيئر پرسن روبينه خالد بل گيٽس جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي منصوبن ۾ مسلسل سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اسان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي سهڪار ??اء?? دل جي گهرائين سان شڪر ادا ڪيون ٿا، جيڪو اسان جي معاشري جي سڀ کان وڌيڪ مستحق طبقي کي بااختيار بڻائڻ جي اسان جي ڪوششن کي هٿي ڏئي ٿو.