اسلام آباد ??? 26 – جون (اي پي پي) پا??ست??ن چيو آهي ته آمريڪي ايوان نمائندگان پاران منظور ڪيل قرارداد 901 ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت ادراڪ جي کوٽ جي عڪاس آهي. اڱاري تي آمريڪي ايوان نمائندگان پاران قرارداد جي منظوري جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بريفنگ ۾ چيو ته پا??ست??ن ان قرارداد جو نوٽيس ورتو آهي. هن ??يمارڪس ڏنا ته اسان سمجهون ٿا ته ان مخصوص قرارداد جو وقت ۽ حقيقت اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رخن سان هم آهنگ نه آهي ۽ اها پا??ست??ن جي سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت اڻمڪمل تفهيم کي ظاهر ڪري ٿي. ??رج??ان چيو ته پا??ست??ن دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي پارلياماني جمهوريت ۽ مجموعي طور تي پنجين وڏي جمهوريت جي طور تي پنهنجي قومي مفاد موجب آئيني نظام، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جي قدرن جو پابند آهي. ??رج??ان چيو ته پا??ست??ن گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل تعميري ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن تي يقين رکي ٿو. ان لاءِ اهڙيون قراردادون نه ته تعميري آهن ۽ نه ئي معروضي هونديون آهن. اسان کي اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس پا??ست??ن ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ معاون ڪردار ادا ڪندي ۽ ٻنهي عوام ۽ ملڪن جي مفاد ?? گڏيل تعاون جي طريقن تي ڌيان ڏيندي.