شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ چيني صدر شي جن ??نگ جي اباڻي شهر شي – آن ۾ مصر??ف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف يانگلنگ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪندو جتي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ايس سي او ماڊرن ايگريڪلچر سينٽر جو دورو ڪر??يو ويندو. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي يانگلنگ ۾ جديد زراعت تي بريفنگ ۽ عملي مظاهري سان گڏوگڏ زراعت جي جديد فيڪٽري جو دورو پڻ ڪر??يو ويندو. وزيراعظم سان شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا جي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪندو جتي کيس تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي ??وا??ي سان بريفنگ ڏني ويندي.