راولپنڊي-23 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي س??براهه جنرل سيد عاصم منير سرڪاري دؤري تي جرمني پهچي ويو. جرمن?? جي اعليٰ فوجي ۽ سول قيادت سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپ?? جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق جرمن?? جي بچاءَ واري وزارت ۾ چيف آف ڊفينس جنرل ڪارشن بريور آرمي چيف جو استقبال ڪيو. جرمن هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آرمي چيف جرمني آرمي جي س??براهه ليفٽيننٽ جنرل الفونس ماس سان به ملاقات ڪئي ۽ جرمن آرمي چيف سان فوج جي دستن کي ڏني ويندڙ تربيت جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. هن شهري جنگ تي هڪ مظاهرو به ڏٺو ۽ مختلف تربيتي سهولتن جو دؤرو ڪيو. آرمي چيف وفاقي چانسلر جي پرڏيهي پاليسي ۽ سلامت?? جي مشير جينز پلوٽنر، پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير ٽوبياس لنڊر ۽ نيل هلمر، بچاءَ واري وزارت ۾ رياستي سيڪريٽري نيل هلمر سميت ٻين سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون. جرمن قيادت دهشتگرديءَ خلاف جن?? ۽ ??طي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي. آرمي چيف، جرمني آرمڊ فورسز ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج هيمبرگ جو به دؤرو ڪندو جتي هو مختلف ملڪن مان ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن کي خطاب ڪندو ت?? جيئن پاڪستان جي علائقائي ۽ عالمي سلامت?? جي روشني ۽ گڏيل قومن جي مشنز ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار تي روشني وِجهن.