اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل سان ٻڌل آهي. هن اها ڳالهه ورلڊ ڪشمير اويئرنيس فورم جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر غلام نبي فائي جي قيادت ۾ سمنڊ پار ڪشميري ڪارڪنن جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيرا??ظم ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خراب حالت بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪشميري ڪارڪنن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اسان هر موقعي تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حمايت ۾ آواز اٿاريو. هن چيو ته مون پنهنجي 2022ع جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ ٻين فورمز جي اجلاسن جي موقعي تي خطابن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، ان کانسواءِ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ پڻ ڪشمير ڪاز کي ڀرپور اجاگر ڪيو. وزيرا??ظم ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيرا??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل سان ٻڌل آهي. وفد ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا. هن وزيرا??ظم سان خطي جي تازه ترين اڳڀرائي جي ح??ال?? سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ وزيرا??ظم کي دنيا جي مختلف حصن ۾ ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو.