اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪس??ان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف اڄ خميس ڏينهن صدر آصف علي زردار سان ملاقات ڪندو، هو عسڪري قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته ازبڪس??ان جو پرڏيهي وزير هن وقت سرڪاري دوري تي پاڪس??ان ۾ آهي ۽ هن گذريل ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ازبڪ پرڏيهي وزير واپار، واري وزير، نجڪاري واري وزير ۽ مواصلات واري وزير کانسواءِ قومي غذائي تح??ظ ۽ تح??يق ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سان پڻ گڏيل ملاقات ڪئي. هن چيو ته هيستائين ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ڌرين پاڪس??ان ۽ ازبڪس??ان جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ مضبوط حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قوم، ايس سي او ۽ او آءِ سي جهڙن گهڻ رخي فورمز تي ويجهي سيڪيو??ٽي ۽ دفاعي تعاون ۽ مضبوط رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪس??ان ۽ ازبڪس??ان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون، واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ۽ ازبڪس??ان – افغانس??ان – پاڪس??ان ريلويز پراجيڪٽ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.