اسلام آ??اد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چنڊ جي لاءِ پاڪستان جي پهرين سي??لائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ تي مبارڪ??اد ڏيندي چيو آهي ته سي??لائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ پاڪستان جي خلائي پروگرام جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، پوري پاڪستاني قوم کي ان اهم ڪاميابي تي فخر آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي، اسپارڪو ۽ چين جي قومي اسپيس انتظاميا کي ان ڪاميابي تي مبارڪ??اد ڏن?? ۽ ??لابازي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان کي خلابازي جي شعبي ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪرڻيون آهن، اميد آهي ته پاڪستان جا خلائي تحق??قي ادارا ۽ سائنسدان وڌيڪ محنت، لڳاءُ ۽ منصوبابندي سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.