اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گلگ?? بلتستان ۾ پن بجلي جي بي پناهه صلاحيت کي ترقي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قدرتي وسيلن کي علائقي جي معاشي خوشحالي جي لاءِ مڪمل طور تي تر??ي ڏيڻي پوندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگ?? بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس مل??قا?? ڪئي. صدر چيو ته گلگ?? بلتستان کي معدنيات ۽ جواهرات جهڙن بي پناهه قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي. مل??قا?? ۾ صدر کي گلگ?? بلتستان حڪومت جي ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو ويو. کيس گلگ?? بلتستان جي عوام کي درپيش مختلف مسئلن خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي گهٽتائي ۽ بيروزگاري بابت ٻڌايو ويو. گورنر ۽ وڏي وزير صدر کي گلگ?? بلتستان جي دوري ۽ گلگ?? بلتستان اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. صدر آصف علي زرداري گلگ?? بلتستان جي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمندي جي لاءِ پروگرام شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي طلب موجب قابل قدر صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. صدر چيو ته علائقي ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته گلگ?? بلتستان جي خودڪفالت جي لاءِ مقامي ڪاروبار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگ?? بلتستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ خطي جي تعليم ۽ صحت جي شعبي کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.