اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اوم??ن ج?? سلطان حاتم بن طارق کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا????ن جاري بيان مو??ب وزيراعظم اومان ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجود تعاون جي وسيع صلاحيت تي روشني وڌي. وزيراعظم پاڪ – اومان اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ ۽ مضبوطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فروغ سان گڏوگڏ اسرائيل پا??ان معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. سلطان حاتم بن طارق وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪست??ن جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي تعاون جي ثمرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اومان?? سلطان کي جلد پاڪست??ن جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سلطان حاتم بن طارق پڻ وزيراعظم کي اوم??ن جي دوري جي دعوت ڏني.