اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي ماحوليا??ي خطرن کان بچائڻ جي لاءِ پوري قوم کي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پاڪ??تا?? دنيا ۾ موسميا??ي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار پنجون ملڪ آهي، موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آگاهي ضروري آهي، ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي 5 سيڪڙو آهي، هلندڙ سال ٻوٽا لڳائڻ جو هدف ٻيڻو ??يو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ بهار جي موسم جي ملڪ گير وڻڪاري مهم جي شروعات جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ م??جو?? هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن ٻوٽو لڳائي پوري ملڪ ۾ بهار جي موسم جي وڻڪاري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اسان جي گذريل حڪومت سڄي ملڪ ۾ وڻ لڳائڻ جو جيڪو هدف مقرر ??يو هو، هلندڙ سال لڳايا ويندڙ ٻوٽن جو انگ ٻيڻو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مجموعي ايراضي جي لحاظ کان ٻيلن جو تناسب رڳو 5 سيڪڙو آهي، عالمي ماحولياتي رسڪ انڊيڪس رپورٽ موجب پاڪ??تا?? موسميا??ي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار دنيا ۾ پنجون ملڪ آهي. هن چيو ته 1999ع کان 2018ع دوران موسمياتي تبديلين جي ڪري 10 هزار قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ اسان جي معيشت کي اربين ڊالر جو نقصان ٿيو، ان جي لاءِ تعليمي ادارن ۾ پڻ ان خطري کان آگاهي فراهم ڪرڻ ضروري آهي ۽ وڻڪاري مهم کي پوري ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته پوري قوم کي گهرجي ته ملڪ کي ماحوليا??ي خطرن کان بچائڻ ۽ صحتمند ماحول م??يا ڪرڻ جي لاءِ وڻڪاري جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ته جيئن پاڪ??تا?? هر قسم جي ماحولياتي آلودگي ۽ ماحوليا??ي خطرن کان محفوظ رهي. ان کان اڳ وزيراعظم پي ايم هائوس ۾ ٻوٽو هڻي بهار جي موسم جي ملڪ گير وڻڪاري مهم شروعات ڪئي. واضح رهي ته هلندڙ سال 2024ع ۾ بهار جي موسم مهم دوران سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 5 ڪروڙ 43 لک 80 هزار ٻوٽا هنيا ويندا، 2023ع جي برسات جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران 4 ڪروڙ 90 لک کان وڌيڪ ٻوٽا هنيا ويا هئا. بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 41 لک، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 17 لک 20 هزار، خيبرپختونخواهه ۾ 57 لک 10 هزار، بلوچ??تا?? ۾ 30 لک، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ هڪ ڪروڙ 18 لک 50 هزار ۽ گلگت بلت??تا?? ۾ 80 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ??يو ويو آهي. 2023ع جي موسم جي برسات جي وڻڪاري مهم دوران پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 46 لک 20 هزار، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک 80 هزار، بلوچ??تا?? ۾ 10 لک 60 هزار، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 33 لک ۽ گلگت بلت??تا?? ۾ 3 لک 60 هزار ٻوٽا لڳايا ويا.