ڪراچي-08فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ، اقليتي معاملن ۽ سوشل ??يڪ??ورٽي جي نگران صوبائي ??زير محمد احمد شاهه ڏکڻ ضلعي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي نگران وزير محمد احمد شاهه ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن سبب موبائل سروس بند ڪئي ??ئي آهي ته جيئن ان قسم جي واقعن کي روڪي سگهجي. هن چيو ته موبائل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ آهي ۽ اهو فيصلو دهشتگردي جي واقعن کي نظر ۾ رکندي ??يو ويو آهي.ڪراچي ۾ اسان وڏي نقصان کان بچي ويا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صورتحال قابو ۾ رهي ته سروس بحال ڪئي ??يندي ۽ ڪجهه خاص علائقن ۾ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سروس بند رهندي.ڪراچي ۾ بيلٽ پيپرز ريڪور ڪرايا ويا آهن.پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي.هن چيو ته نگران حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته امن امان سان گڏ اڄوڪي ڏينهن جي پڄاڻي ٿئي.صوبي ?? ووٽنگ جو عمل تسلي بخش آهي. سمورن ڊي آر اوز کان معلوم ??يو ويو آهي ته انهن تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ته نه آهي. انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو صوبائي حڪومت جي اختيار ۾ نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته يقيناً ڪو خطرو ضرور هوندو جنهن جي ڪري اهو فيصلو ??يو ويو آهي.