ڪوئٽه _ 8 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر بلوچستان ۾ به عام چونڊن لاءِ پولنگ جاري آهي. 53 لک 71 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي رائي جو حق استعمال ڪندا. تفصيل مطابق بلوچستان ۾ قوم?? اسيمبلي جي 16 جنرل سيٽن تي 429 ۽ صوبائ?? اسيمبلي جي 51 جنرل سيٽن تي 1267 ام??دوار ميدان ۾ آهن. صوبي ۾ ڪل پنج هزار 26 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ??يون آهن جنهن مان 1651 انتهائي حساس،2249 حساس ۽ 1126 نارمل پولنگ اسٽيشن قرار ڏنيون ??يون آهن. بلوچستان ۾ صبح 8 ??ڳي کان 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي پولنگ عمل جاري رهندو. 30 هزار کان وڌيڪ اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا. چيف اليڪشن ڪمشنر بلوچستان فريد آفريدي مطابق قوم?? اسيمبلي جي 16 ۽ صوبائ?? اسيمبلي جي تڪ تي مجموعي طورتي 53 لک 71 هزار 947 ووٽ آهن. جنهن مان 30 لک 16 هزار 164 مرد 23 لک 55 هزار 783 عورتون شامل آهن. هن چيو ته صوبي ۾ ڪل 5 هزار 26 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ??يون آهن جتي 15 هزار 626 پولنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن.