اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ??هي ??ه سوشل ميڊيا تي عدليه جي خلاف ڪڌي مهم هلائي وئي جنهن تي نوٽيس جاري ڪيا ويا، سوشل ميڊيا تي صحافين ۽ يوٽيوبرز کي هراسان ڪرڻ جي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، ??نه?? کي نوٽيس جاري ڪرڻ هراسان ڪرڻ جي زمري ۾ نه ٿو اچي. ”ج?? ٽي وي“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قانوين طور تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو اختيار آهي، ايف آءِ اي 32 صحافين، يوٽيوبرز ۽ 22 سياسي ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن ته اهي فلاڻي تاريخ تي پنهنجو موقف ڏيڻ جي لاءِ اچن. هن چيو ته اڃا تائين اهي نوٽيس برقرار آهن، واپس ناهن ٿيا. هڪ سوال جي جوا?? ۾ ??ن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 تحت تنقيد کي آئيني تحفظ حاصل ??هي پر تنقيد جي نالي تي ??نه?? جي تذليل يا توهين ڪرڻ آئين جي ان آرٽيڪل جي دائري ۾ نٿو اچي. هن چيو ته ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه آهي، جيڪڏهن ??نه?? قانون جي خلاف ورزي ڪئي ??هي ته ان کي قانون کي منهن ڏيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جوا?? ۾ ??گران وفاقي وزير چيو ته اخبارن ۾ ??نه?? خبر جي تصديق جي لاءِ گيٽ ڪيپر جو نظام موجود هوندو آهي، ان نظام تحت اها تصديق ڪئي وڃي ٿي ته فلاڻي معلومات صحيح ??هي يا نه پر سوشل ميڊيا تي ڪجهه يوٽيوبرز هڪ نئين سياسي معيشت تخليق ڪري ڇڏي ??هي ته جيڪو جيترو وڏو ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه ڪندو، ان جا ويوز ايترا وڌيڪ ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته قانون جي خلاف ورزي تي پ?? ٽي اي ??نه?? به ويب سائيٽ کي بند ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪا خاص ويب سائيٽ بند ٿي ??هي ۽ جيڪڏهن قانون جي خلاف ورزي ناهي ڪئي ته ان جي شڪايت پ?? ٽي اي کي ڪري سگهجي ٿي.